ڊوپليسي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽس ۾ سنچريون ٺاهيندڙ اٺين نمبر تي بيٽسمين بڻجي ويو

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين فاف ڊوپليسيانٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ٽنهي فارميٽس ۾ سينچريون ٺاهيندڙ دنيا جو اٺون ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. ڊولپيسي ويسٽ انڊيز جي خلاف کيڏيل ٽي ٽي 20 ميچ ۾ سينچري ٺاهي اهو اعزاز حاصل ڪيو. ان کان پهرين ڪرسي گيل تلڪارتني دلشان، برينڊن ميڪ ڪولم، سريش رائنا، مهيلا جي وارڌني، مارٽن گيٽل ۽ احمد شهزاد به اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي چڪو آهي. جوهانسبرگ ۾ ويسٽ انڊيز جي خلاف کيڏل ٽي 20 ميچ ۾ ڊوپليسي بهترين بيٽنگ ڪندي سينچري ٺاهي. هو ملڪ طرفان سينچري ٺاهيندڙ ٻيون نمبر بيٽسمين آهي. ان کان علاوه هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ٽينهي فارميٽس ۾ سينچري ٺاهيندڙ اٺون نمبر بيٽسمين بڻجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *