چيمپينز ليگ ٽي – ٽوئنٽي، لاهور لائنز جي ٽيم مين رائونڊ ۾ پنهنجي وئي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني چيمپين لاهور جي ٽيم چيمپينز ليگ ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي مين رائونڊ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 21 سيپٽمبر تي ڪلڪتا نائيٽ رائيڊر خلاف کيڏندي. چيمپينز ليگ ٽي – 20 جي تاريخ ۾ لاهور لائنز مين رائونڊ تائين پهچي پهرين پاڪستاني ٽيم ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ان کان پهرين پاڪستاني چيمپين فيصل آباد کي ٻه ڀيرا ليگ ۾ شرڪت جو موقعو مليو. ان کان علاوه ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ ٻئي ميچون هارڻ ڪري ايونٽ مان ٻاهر ٿي، پر  هن ڀير لاهور لائنز کي گروپ اي ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز،. چنائي سپر ڪنگز، پرٿ اسڪارچرز، ڊولفنز سان گڏ گروپ اي م رکيو ويو آهي ۽ 21 سيپٽمبر تي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي خلاف ميچ کان مهم جي شروعات ڪندي. لاهور لائنز ايونٽ ۾ پنهنجي ٻي ميچ 25 سيپٽمبر تي چنائي سپر ڪنگز، 30 سيپٽمبر تي پرٿ اسڪارچرز جي خلارف کيڏندي، ايونٽ جو سيمي فائنل 2 آڪٽوبر جڏهن ته فائنل ميچ 4 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *