ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻئين ڪرڪيٽ ميچ اڄ کيڏي ويندي

india-west-indiesنئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) ڇنڇر ڏينهن فيروز شاهه ڪوٽلا نئين دهلي ۾ کيڏي پيندي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ ٿيندي،ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت جي خلاف سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته مهمان ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 124 رنسن تان هارايو هو، ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت جي خلاف پنجن ون ڊي، واحد ٽي – 20 ۽ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽئين ميچ 14 آڪٽوبر تي وشاکها پٽم، چوٿين 17 آڪٽوبر تي ڌرم شالا جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 20 آڪٽوبر تي ڪولڪتا ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واحد ٽي – 20 ميچ 22 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 30 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين حيدرآباد، ٻئين ميچ 7 کان 11 نومبر تائين بنگلور، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ 15 کان 18 نومبر تائين احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *