ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ (اڄ) کيڏي ويندي، سيريز 1-1 تان برابر

ڌرم شالا (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ون ڊي ميچن تي مشتمل سيريز جي چوٿين ميچ (اڄ) جمعي تي ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي، سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ميزبان ٽيم کي 24 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي هئي، پر ميزبان ڀارت ٻي ميچ ۾ مهمان ٽيم کي هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪئي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ميچ سامونڊي خطري سبب ملتوي ڪئي وئي هئي، ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي چوٿين ون ڊي ميچ 17 آڪٽوبر تي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 20 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *