ڀارت خلاف آخري ٽيسٽ کٽي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪبي: ڪپتان اسٽيون سمٿ

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين اسٽيون سمٿ چيو آهي ته ڀارت خلاف چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کٽي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ سڄي ٽيم پوري قوت سان ميدان ۾ لهندي، آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ بعد ڪينگروز کي سيريز ۾ 0 – 2 جي برتري حاصل آهي، اسٽيون سمٿ چيو ته ڀارتي ٽيم ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ سٺي راند جو مظاهرو ڪيو، ميچ کٽڻ لاءِ آخري دم تائين حريف ٽيم ڄمي مقابلو ڪيو، هن چيو ته سيريز کٽڻ تي تمام گهڻي خوشي آهي، هاڻي آخري ٽيسٽ کٽي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪنداسين، هن چيو ته ايم ايس ڌوني جي رٽائرمينٽ ڀارتي ٽيم لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي ۽ اسان جي ٽيم وٽ آخري ميچ کٽڻ لاءِ سونهري موقعو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *