ڀارت جو ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ پنجن سالن تائين گڏيل سيريز نه کيڏڻ تي غور

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز)بورڊ آف ڪرڪيٽ ڪنٽرول فار انڊيا (بي سي سي آءِ) ويسٽ انڊيز ٽيم جي دوري ڀارت کان اوچتو هٿ کڻڻ تي ڳري نقصان جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ چيو ته هو ڪاري آنڌي خلاف ايندڙ 5 سالن تائين گڏيل سيريز نه کيڏڻ تي غور ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان حتمي فيصلو 21 آڪٽوبر تي بي سي سي آءِ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ڪاري آنڌي جي ٽيم 17 آڪٽوبر تي بورڊ ۽ ويسٽ انڊيز پليئرز ايسوسيئيشن سان گڏ معاونن جي تڪرار سبب ڀارت جي دوري کان انڪار ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊن وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. بي سي سي آءِ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ويسٽ انڊيز ٽيم جو دورو اڌ ۾ ڇڏڻ سبب بورڊ کي وڏي نقصان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ بورڊ جي ڪيترن ميمبرن ويسٽ انڊيز کي سخت پيغام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪاري آنڌي خلاف ايندڙ پنجن سالن تائين گڏيل سيريز نه کيڏڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *