ڀارتي سورمائن جا خواب چڪنا چور، ورلڊ ڪپ کان ٻاهر، آسٽريليا فائنل ۾ پهچي ويو

سڊني(اسپورٽس نيوز)سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي، ڀارتي جي پوري ٽيم 329 رنسن جو پيڇو ڪندي 233 رنسون ٺاهي پويلين واپس هلي وئي ڀارت طرفان صرف ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني سڀ کان وڌيڪ 65 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو، روهت شرما 34، شکر ڌون 45، جڏهن ته رهاني صرف 44 رنسون ئي ٺاهي سگهيا، ان کان علاوه ڪوبه ٻيو ڀارتي رانديگر پنهنجي ٽيم لاءِ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، آسٽريليا طرفان فولڪنر 3، مچل اسٽارڪ ۽ جانسن 2، 2 جڏهن ته هيزل ووڊ هڪ رانديگر کي پويلين جي راهه ڏيکاري، ان کان اڳ آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 328 رنسون ٺاهيون، ڪينگروز طرفان اسٽيون سمٿ 105 جي اننگز کيڏي نمايان بيٽسمين رهيو جڏهن ته ايرون فنچ به 81 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ڀارت طرفان يادو 4، شرما 2 جڏهن ته اشون هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، فائنل ميچ ۾ آسٽريليا جو مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *