ڀارت، سريلنڪا ۽ نيپال جون ٽيمون ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ جي سيمي فائينل ۾ پهچي ويون

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ڀارت، سريلنڪا ۽ نيپال جي ٽيمن ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ جي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. جناح اسٽيڊيم ۾ جاري چيمپيئن سپ ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ ڀارت، افغاسنتان، مالديپ ۽ بنگلاديش جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، نيپال، سريلنڪا ۽ ڀوٽان جون ٽيمون آهن. گروپ بي مان نيپال ۽ سريلنڪا جڏهن ته گروپ اي مان ڀارت جي ٽيم سيمي فائينل مقابلن لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *