پي سي بي پاران محمد حفيظ جي بالنگ تي پابنديءَ خلاف اپيل نه ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ تي پابنديءَ خلاف اپيل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب پي سي بي عملدارن ان ڳالهه تي متفق آهن ته غير قانوني ايڪشن جي ڪري پابنديءَ جو شڪار محمد حفيظ تي پابنديءَ خلاف آءِ سي سيءَ کي اپيل نه ڪئي ويندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حفيظ پنهنجي جي پنهنجي خواهش هئي ته سندس ٽيسٽ ڪرائي وڃي، هاڻي هو ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيو آهي ته ان خلاف اپيل نه ڪئي ويندي. واضح رهي ته محمد حفيظ جو ايڪشن سريلنڪا خلاف سيريز ۾ بالنگ دوران ٻيون ڀيرو رپورٽ ٿيو هو. چنئي ۾ ٽيسٽ دوران ناڪام ٿيڻ تي آءِ سي سيءَ پاران مٿس هڪ سال جي پابندي هنئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *