پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف 3 ڏينهن واري ميچ لاءِ 15 رڪني اي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 3 کان 5 نومبر تائين شارجا ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ڏينهن واري ميچ لاءِ قومي اي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آل رائونڊر انور علي کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، اعلانيل 15 رانديگرن ۾ عابد علي، عادل امين، ادنان اڪمل، عطاءُ الله، بابر اعظم، بلاول ڀٽي، احسان عديل، حارث سهيل، جنيد الياس، ڪرامت علي، رضا حسن، شام مسعود، شان اسلم، سميع اسلم ۽ سعد علي شامل آهن. چيف سليڪٽر معين خان جي سربراهي ۾ سليڪشن ڪميٽي ڄاڻايل رانديگرن جي پرفرفارمنس ۽ فٽنيس جو جائزو وٺڻ بعد چيئرمين پي سي بي شهريار خان جي حتمي منظوري سان ٽيم جو اعلان ڪيو. ٽيم ۾ 4 ٽيسٽ ڪرڪيٽر ادنان اڪمل، بلاول ڀٽي، احسان عادل ۽ شان مسعود شامل آهن، جڏهن ته 3 انٽرنيشنل رانديگر حارث سهيل، رضا حسين ۽ انور علي شامل آهن، باقي انڊر 19 ٽيم جي رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *