پي سي بي سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي ڊوميسٽڪ ۽ ٽي ٽوئنٽي سميت ڪنهن به فارميٽ واري ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملندڙ سزا کان گذريل ڏينهن رعايت ملندڙ رانديگرن سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي ڊوميسٽڪ ۽ ٽي ٽوئنٽي سميت ڪنهن به فارميٽ واري ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. خابرو ادارن جي رپورٽن موجب گذريل ڏينهن آءِ سي سيءَ طرفان ٻنهي رانديگرن تي لڳل پابنديءَ جا 5 سال مڪمل ٿيڻ تي هٽائي وئي هئي، جنهن کان پوءِ لاهور سٽي ڪرڪيٽ ايسوسئيشن سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. پي سي بي ذريعن جو چوڻ هو ته عملدارن لاهور ڪرڪيٽ ايسوسئيشن کي ٻنهي رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻنهي رانديگرن کي به حڪم ڏنو ويو آهي ته جيستائين پي سي بي عملدار ٻنهي رانديگرن جي کيڏڻ يا نه کيڏڻ بابت باقاعدي فيصلو نه ڪري ان وقت تائين ڪنهن به ٽيم طرفان کيڏڻ کان پرهيز ڪئي وڃي. ٻئي طرف سلمان بٽ جو ميڊيائي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه دوران چوڻ هو ته پابندي هٽائڻ ۾ پي سي بيءَ تمام گھڻو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي ماضيءَ کي وساري پاڪستان جي لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ چاهيان ٿو. ڊوميسٽڪ ۾ پنهنجي راند جي ڏڍ تي واپس اچڻ چاهيان ٿو، سندس چوڻ هو ته نوجوان رانديگرن کي اسان کان سبق سکڻ گھرجي جيئن ان قسم جي مسئلن سان منهن نه ڏيڻو پوين. واضح رهي ته 2010ع ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ اسپاٽ فڪسنگ جي الزام ۾ ان وقت جي ٽيسٽ ڪپتان سلمان بٽ تي 10 سال، محمد آصف تي 7 سال ۽ محمد عامر تي 5 سال پابندي هنئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *