پونٽنگ جو رڪارڊ ٽٽي ويو، سنگاڪارا 6 مختلف ٽيمن خلاف 15سئو رنسون ٺاهي ٽنڊولڪر جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) اسٽار سريلنڪن بيٽسمين ڪمارا سنگاڪارا نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي ميچن ۾ ڪيريئر جون 1500 رنسون مڪمل ڪري ورتيون، ان سان گڏوگڏ سنگاڪارا ڇهن مختلف ٽيمن خلاف اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي سچن ٽنڊولڪر جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو، سنگاڪارا ڪيويز خلاف آخري ون ڊي ۾ شاندار سينچري ٺاهي اهو اعزاز حاصل ڪيو، گذريل ڏينهن ويلنگٽن ۾ کيڏيل سيريز جي آخريون ڊي ميچ ۾ سريلنڪن بيٽسمين سنگاڪارا هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو، ان سان گڏوگڏ هن ڪيويز جي خلاف ون ڊي ميچن ۾ ڪيريئر جون 1500 رنسون مڪمل ڪيون، پونٽنگ کي پنجن ٽيمن جي خلاف پندرنهن سئو کان به وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *