پهاڙ تان پٿر اڇلائڻ جي مشق مون کي فاسٽ بالر بڻايو: سهيل خان

لاهور(اسپورٽس نيوز)پهاڙن تان پٿر اڇلائڻ جي مشق سهيل خان کي فاسٽ بالر بڻائي ڇڏيو جوڙن جي مضبوطي لاءِ تري درياهه ۽ نديون پار ڪندو رهيو، اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف صلاحيتون نکارڻ لاءِ ڪم ڪيو سهيل خان کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ زبردست ڪارڪردگي جي بنياد تي اوچتو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو هو پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق مالاڪنڊ ايجنسي سان تعلق رکندڙ فاسٽ بالر کي پنهنجي علائقي ۾ ڪرڪيٽ جي بنيادي سهولت ئي حاصل نه هئي هن سهولتون نه هجڻ باوجود پنهنجو شوق پورو ڪيو ۽ قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هڪ انٽرويو ۾ سهيل خان ٻڌايو ته ننڍي هوندي کان ئي ڪرڪيت ۾ نالو ڪمائڻ جو شوق هو پر گرائوند ۽ جم جهڙيون سهولتون نه هيون، ڪنهن مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مان وڌ کان وڌ پٿر اڇلائڻ جي مشق ڪريان ته جوڙ فاسٽ بالنگ لاءِ فائديمند ثابت ٿي ويندا، جسم کي مشق جو عادق بڻائڻ لاءِ دريائن ۽ ندي ۾ ترندو به رهيس ڪنهن رشتيدار جي مشوري تي قسمت آزمائڻ لاءِ ڪراچي آيس جتي ٽيلينٽ هنٽ پروگرام ۾ شرڪت کانپوءِ راشد لطيف جي محفوظ هٿن ۾ اچي ويس، اڳوڻي ڪپتان منهنجين صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ لاءِ ڪم ڪيو هن نئين بال جي استعمال سميت مختلف گر سيکارڻ لاءِ وڏي رهنمائي ڪئي اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان راشد لطيف جي ڪري آهيان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *