پاڪ بنگلاديش ڪرڪيٽ سيريز جي 19 اپريل کان 12 مئي تائين منعقد ٿيڻ جو امڪان

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز 19 اپرلي کان 12 مئي تائين کيڏي وڃڻ  جو امڪان آهي، بنگلاديشي ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعات ون ڊي ميچن کان ٿيندي جيڪي شير بنگلااسٽِيڊيم ۾ کيڏيون ويندوين، ان کانپوءِ ٽيسٽ سيريز ٿيندي، پهرين ٽيسٽ ڪنهن ٻئي شهر ۾ منعقد ٿيڻ کانپوءِ ٻئين پنجن ڏينهن واري ميچ ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي به شير بنگلا ۾ ٿيندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي  سيڪيورٽي جنرل مينيجر ڪرنل (ر) اعظم سيڪيورٽي معاملن جو جائزو وٺڻ لاءِ لاهور کان ڍاڪا روانو يندو هو مختلف جاين جو دورو ڪرڻ کانپوءِ 2 يا 3 ڏينهن ۾ وطن واپس اچي رپورٽ پي سي بي اختيارين کي پيش ڪندو، ان جي روشني ۾ گرين شرٽس جي سريز کي حتمي شڪل ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *