پاڪستان 17 ايشين گيمز ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ چين کي آئوٽ ڪلاس ڪري فائنل ۾ پهچي ويو

Born-in-Pakistan1-640x480انچيون (اسپورٽس نيوز) ندا ڊار جي بهترين بالنگ سبب دفاعي چيمپين پاڪستان جي ويمن ٽيم 17هين ايشين گيمز ويمن ڪرڪيٽ ايونٽ جي فائنل ۾ پهچي وئي، گرين شرٽس جي بالرن سيمي فائنل ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي چين کي آئوٽ ڪلاس ڪري 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني، پاڪستاني ٽيم جي سامهون چين جي ٽيم بي وس نظر آئي، چين جي ڪا به رانديگرياڻي پاڪستاني بالنگ جي اڳيان ڄمي نه سگهي، پاڪستاني ندا ڊار 4 رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو، چين جي ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 19هين اوور تي 37 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم گهربل اسڪور 8 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪيو، اهڙي طرح پاڪستان يج ٽيم سيمي فائنل ۾ چين کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *