پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي عورت ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي-20 ميچن جي سيريز 10 مارچ کان شروع ٿيندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي عورتن واري ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي-20 ميچن جي سيريز 10 مارچ تي يو اي اي ۾ شروع ٿيندي. سيريز جي تيارين لاءِ قومي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ 28 فيبروري کان 10 مارچ تائين نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ لڳندي. سيريز جي پهرين ون ڊي 13 مارچ تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي 15 مارچ ۽ ٽين ون ڊي 17 مارچ تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *