پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ اڄ ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ جمعي تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي، گرين شرٽس ان کان اڳ ٻه وارم اپ ميچون کيڏيون، جن ۾ کين شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ون ڊي ميچ 3 فيبروري تي ميڪلين پارڪ ۾ کيڏي ويندي، قومي ٽيم مصباح الحق جي قيادت ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٻن ون ڊي ميچن جي سيريز ۽ ان کان پوءِ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ نيوزيلينڊ ۾ ديرو ڄمايو آهي، قومي ٽيم جي رانديگرن ويلنگٽن پهچڻ بعد پريڪٽس بجاءِ آرام ڪيو، پاڪستاني ٽيم عالمي ڪپ کان اڳ ٻه وارم اپ ميچون به کيڏندي ۽ ان کان پوءِ 15 فيبروري تي روايتي حريف ڀارت خلاف ميچ سان ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *