پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 17 نومبر کان دبئي ۾ شروع ٿيندي

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 17 نومبر کان دبئي انٽرنيشنل اسٽيديم ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان کي ڪيويز خلاف سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي.پاڪستان ڪيويز کي پهرين ميچ ۾ 248 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 0-1 سان ڪاميابي ماڻي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 نومبر تائين شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٽيسٽ سيريز کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 2 ٽي 20 ميچن ي ٻڌل سيريز جي پهرين ڊي اينڊ نائيٽ ٽي 20 ميچ 4 ڊسمبر تي دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني وقت مطابق رات 9 وڳي کيڏي ويندي. ٻي ٽي 20 ميچ 5 ڊسمبر دبئي ۾ رات 9 وڳي ٿيندي. پنج ڊي اينڊ نائيٽ ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 8 ڊسمبر تي دبئي ۾ شام 4 وڳي کيڏي ويندي. ٻي ون ڊي 12 ڊسمبر تي 4 وڳي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ٽين ون ڊي ميچ 14 تي شارجا، چوٿين ميچ 17 ڊسمبر تي ابوظهبي ۾ ۽ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 19 ڊسمبر تي ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *