پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 52 ون ڊي ميچن مان پاڪستان 46 ۾ ڪاميابي ماڻي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن ۾ ڪاميابي جي شرح جي حوالي سان پاڪستاني ٽيم کي سرسي حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هاڻي تائين دنيا جي مختلف گرائونڊن تي ٿيل 52 ون ڊي ميچن مان پاڪستاني ٽيم 46 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته زمبابوي جي ٽيم صرف 3 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي، هڪ ميچ ڊرا ۽ 2 جو نتيجو نه نڪري سگهيو، زمبابوي جي سرزمين تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ون ڊي ميچن ۾ به قومي ٽيم کي سرسي حاصل آهي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 18 ميچون کيڏيون ويون، جنهن مان پاڪستان 14 ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ زمبابوي رڳو ٻن ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي، جڏهن ته هڪ ميچ ڊرا رهي ۽ هڪ جو نتيجو نه نڪري سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *