پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن جون ميچون ڪراچيءَ ۾ ٿيڻ گهرجن: خواجه اظهار الحسن

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي تهپاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن جون ميچون ڪراچي ۾ ٿيڻ گهرجن . ڪالهه اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن چيو ته زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سڀئي ميچون لاهور ۾ رکيون آهن، ڪراچي ۾ به ميچون ٿيڻ گهرجن هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي هن چيو ته نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو شامل ناهي ان تي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نيپرا ۾ سنڌ جي نمائندي جي لاءِ اسان وفاق کي نالو ڏئي ڇڏيو آهي پر وفاق اڃا تائين نامزدگي جو اعلان ناهي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *