پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ اڄ کان شروع ٿيندي

کلنا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ٽيسٽ (اڄ) اڱاري کان شيخ ابو ناصر اسٽيڊيم کلنا ۾ شروع ٿيندي،ميچ پاڪستاني وقت مطابق صبح  جو 9 وڳي شروع ٿيندي، پاڪستاني ٽيم مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي، بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو آهي ته سندس ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ پاڪستاني ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيندي، واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 6 مئي کان 10 مئي تائين شير بنگلا اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *