پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ (اڄ) کان شروع ٿيندي

دبئي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ (اڄ) اربع کان دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. پاڪستاني ٽيم مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ احمد شهزاد، اسد شفيق، اظهر علي، احسان عادل، حارث سهيل، عمران خان، محمدحفيظ، محمد طلحه، راحت علي، سرفراز احمد، شان مسعود، توفيق عمر، ياسر شاهه، يونس خان ۽ ذوالفقار بابر شامل آهن. ياد رهي آسٽريليا جي ٽيم پاڪستاني ٽيم کي واحد ٽي-20 ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *