پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي 20 ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

Pakistan-vs-Australia-T20-World-Cup-2014-Match-Live-Streamingدبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي 20 ميچ آچر تي پاڪستاني وقت مطابق رات جو 9 وڳي کيڏي ويندي. واحد ٽي 20، 3 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ ٻئي ٽيمون يو اَي اِي ۾ پهچي ويون آهن. پهرين ٽي 20 ميچ 5 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي. ون ڊي ميچن جي سيريز 7 آڪٽوبر کان شارجه ۾ شروع ٿيندي، ٻي ون ڊي ميچ 10 آڪٽوبر تي دبئي ۽ ٽين ون ڊي ميچ 12 آڪٽوبر تي ابوظهبي ۾ کيڏي ويندي. آسٽريليا خلاف سيريز ورلڊ ڪپ جي تياريءَ جو حصو آهي. ٻئي ٽيمون ڪاميابيءَ جي عزم سان يو اَي اِي ۾ موجود آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو پلڙو باري آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سال 2007ع کان 2014ع تائين مجموعي طور تي 12 ٽي 20 ميچون کيڏيون جن مان 7 ۾ پاڪستان کي ڪاميابي ملي جڏهن ته 4 ميچون آسٽريليا جي حصي ۾ آيون ۽ هڪ ميچ ڊرا ٿي. يو اي اي ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 ميچن جي ڪاميابيءَ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي برتري حاصل آهي. پاڪستاني ٽيم مجموعي طور تي دنيا جي ٻين ٽيمن خلاف 2006ع کان 2014ع تائين 82 ٽي 20 ميچون کيڏيون جن مان 49 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته 31 ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 2 ميچون ڊرا ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *