پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي نگراني هيٺ انڊر 16 ٽيلينٽ هنٽ پروگرام تحت هڪ ڏينهن جا ٽرائلز پهرين مارچ تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندا

ميرپورخاص(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي نگراني هيٺ انڊر 16 ٽيلينٽ هنٽ پروگرام جي تحت هڪ ڏينهن جا ٽرائلز پهرين مارچ 2015 آچر واري ڏينهن نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندا.سيڪريٽري حيدرآباد ريجن ڪرڪٽ ايسوسي ايشن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪرڪٽ ايسوسي ايشن ميرپورخاص واحد حسين پهلواني پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽرائلز ۾ پهرين سيپٽمبر 1988ع کان بعد جي پيدائشي تاريخن وارا رانديگر ٽرائلز ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. ٽرائلز ڏيڻ جي خواهش رکندڙ رانديگر پنهنجي اصل (ب) فارم ۽ تعليمي سرٽيفڪيٽن ۽ مڪمل ڪرڪٽ ڪٽ سان گڏ پهرين مارچ صبح جو 9 وڳي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ هيڊ ڪوچ حيدرآباد ريجن اقبال امام آڏو رپورٽ ڪن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *