پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس ڪوچنگ لاءِ ناهي چيو، جيڪڏهن چئي ها ته مان ان لاءِ هر وقت موجود هئس:انضمام الحق

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف سيريز جي لاءِ ملڪي ٽيم سٺن رانديگرن تي ٻڌل آهي. سريلنڪا خلاف ڪاميابي ماڻينداسين، باغ جناح گرائونڊ ۾ سالياني ڪرڪيٽ فيسٽيول جي تقريب رٿي وئي، ان موقعي تي ٽيسٽ ڪپتان چيو ته سريلنڪا جي دوري جي لاءِ اسان جي ٽيم سٺي آهي. ان موقعي تي موجود انضمام الحق جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم سٺو پرفارم ڪري رهي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کيس ڪوچنگ لاءِ ناهي چيو، جيڪڏهن چئي ها ته مان ان لاءِ هر وقت موجود هئس. فيسٽيول ۾ انضمام الحق اليون ۾ توفيق عمر اليون وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ به کيڏي وئي، جيڪا توفيق اليون چئن وڪيتن تان کٽي ورتي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر سهيل جو چوڻ هو ته نجم سيٺيءَ پي سي بي چيئرمين طور آءِ سي سيءَ ۾ بگ ٿري جو ساٿ ڏنو هو ۽ هاڻي پوئتي هٽي رهيو آهي. سعيد اجمل کي پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، ڪرڪيٽ هيرون تقريب جي آخر ۾ ميچ کٽيندڙ رانديگرن ۾ انعام به ورهايا. مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ لاڳيتو بحال هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جهڙي طرح انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٿي آءِ سي سي به ڏٺي هئي ۽ کيس به نظرثاني ڪرڻ گهرجي.مصباح چيو ته شوقينن سخت گرمي باوجود پاڪستان زمبابوي ميچ ڏٺا، کين سلام پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ پي سي بي، حڪومت ۽ زمبابوي ٽيم سان گڏ شوقينن جو به وڏو هٿ آهي. مصباح الح جو چوڻ هو ته سريلنڪا هوم سيريز سولي ناهي، پر ڏُکيا ٽارگيٽ به ثابت ٿيندو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *