پاڪستان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ اٽيڪ به مشڪلاتون جو شڪار ٿي ويو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو بالنگ اٽيڪ به مشڪلاتون جو شڪار ٿي ويو ايشانت شرما ۽ ڀونيشور ڪمار جي ورلڊ ڪپ کان باهر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ڀارت جي هڪ ٽي ويچينل جي ذريعن مطابق اهي ٻئي بالر انجري جو شڪار آهن ۽ امڪان آهي ته انهن کي اسڪواڊ مان ڪڍي ڪنهن ٻئي کي جاءِ ڏني ويندي، انڊين ٽيم جي چئن رانديگرن جي فٽنيس ۽ دستيابي تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڇي جن ۾ ايشانت شرما، ڀونيشو ڪمار، روهت شرما ۽ رويندر جڊيجا شامل آهن جڏهن ته امڪان ظاهر ڪيو پيو وڇي ته روهت ۽ جڊيجا اسٽريليا خلاف وارم اپ ميچ کان فٽ ٿي ويندا،  ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪرڻ واري انڊين ٽيم جا 2 اهم بالر ٻاهر ٿيڻ جي صورت ۾ بيڪ اپ پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن تحت موهت شرما ۽ ڌول ڪلڪرني کي ضرورت پوڻ تي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *