پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان هارائي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتي ٻين ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي 7 وڪيٽن تان هارائي بلائينڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ لاڳيتي ٻين ڪاميابي ماڻي ورتي، ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي گروپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 114 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سن وائبل بدراني 38 رنسون ٺاهيون، قومي ٽيم طرفان اسرار حسين 3، هارون ۽ ساجد نواز 2،2 وڪيٽون ورتيون، 115 رنسن جو ٽارگيٽ دفاعي چيمپئن سولائيءَ سان ٽِن وڪيٽن جي نقصان تي ماڻيو، نثار عليءَ 62 رنسن جي اننگ کيڏي، واضح رهي ته پاڪستان پهرين ميچ ۾ ڀارت کي به 7 وڪيٽن تان هارايو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *