پاڪستان پريميئر فٽ بال ليگ اڄ شروع ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 11هين پاڪستان پريميئر فٽ بال ليگ (اڄ) ڇنڇر ڏينهن کان مختلف هنڌن تي گڏ شروع ٿيندي. خان ريسرچ ليبارٽريز، راولپنڊي جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ليگ جون ميچون اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ کيڏيون وينديون. پاڪستان فٽ بال فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل (ر) احمد يار لوڌي ٻُڌايو ته ليگ ۾ سموري ملڪ مان 12 ٽيمون حصو وٺنديون، جن ۾ دفاعي چيمپئن ڪي آر ايل، ڪراچي اليڪٽرڪ پاڪستان، واپڊا، چمن، ڪي پي ٽي، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، چمن، افغان ايف سي، پاڪستان ريلوي ۽ بلوچ ڪوئيٽه شامل آهن. فٽ بال ليگ 10 جنوري تائين جاري رهندي. جناح اسٽيڊيم اسلام آباد 132 مئچن مان 26 جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته 69 مئچون ڪراچي ۽ 37 مئچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *