پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ ۾ پاڪستان واپڊا جو مقابلو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان اڄ ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي انتظام هيٺ ملڪ ۾ جاري پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ ۾ پاڪستان واپڊا ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڄ خميس تي ڪي پي ٽي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ليگ ۾ سڄي ملڪ مان 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. واضح رهي ته پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ 21 جنوري تائين جاري رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *