پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ ۾ پاڪستان آرمي جي ٽيم پهرئين نمبر تي آهي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ملڪ ۾ جاري 11هين پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ جي پوائنٽ ٽيبل تي پاڪستان آرمي جي ٽيم پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان ايئر فورس ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جون ٽيمون ترتيبوار ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي آهن. پوائنٽ ٽيبل موجب پاڪستان آرمي جي ٽيم 35 پوائنٽس سان پهرئين نمبر تي آهي. پاڪستان ايئر فورس جي ٽيم 24 پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي، جڏهن ته ڪراچي اليڪٽرڪ جي ٽيم 23 پوائنٽس سان ٽئين پوزيشن تي آهي. واضح رهي ته ليگ ۾ سڄي ملڪ مان 12 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *