پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ ۾ (اڄ) هڪ ميچ کيڏي ويندي

Pakistan-Football-team-Photo-AFP-640x480اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ملڪ ۾ جاري 11هين پاڪستان پريميئر فٽبال ليگ ۾ (اڄ) اربع تي هڪ ميچ مسلم ڪلب ۽ افغان ڪلب چمن جي ٽيمن وچ ۾ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. ليگ جون ميچون اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ کيڏيونپيون وڃن. ليگ ۾ سڄي ملڪ کان 12 ٽيمون حصو وٺنديون. جن ۾ دفاعي چيمپيئن ڪي آر ايل ڪراچي، اليڪٽرانڪ، پاڪستان، واپڊا، پاڪستان ايئر فورس، پاڪستان آرمي، پي آءِ اي، مسلم ڪلب چمن، ڪي پي ٽي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان، چمن افغان ايف سي، پاڪستان ريلوي ۽ بلوچ ڪلب ڪوئٽا شامل اهن. ليگ 10 جنوري تائين جاري رهندي. جناح اسٽيڊيم اسلام آباد 132 ميچن مان 26 جي ميزباني ڪندي جڏهن ته 69 ميچون ڪراچي ۽ 37 ميچون لاهور ۾ کيڏيون وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *