پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس (اڄ) جمعي تي پي ٽي ايف ٽينس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ ٿيندو، اجلاسن جي صدارت پاڪستان ٽينس فيڊريشن جو صدر سيد ڪليم امام ڪندو، جنهن ۾ فيڊريشن ۽ سمورن يونٽس جا نمائندا شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ 12 ڊسمبر تي فيڊريشن ۾ ٿيندڙ چونڊن کي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ گذريل چئن سالن ۾ سمورن يونٽس جي سرگرمين جو پڻ جائزو ورتو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي موجوده نمائندن جي عهدن جي 4 سالن جو عرصو گذريل ڏينهن مڪمل ٿيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *