پاڪستان ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 41 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽن ون ڊي ميچن واري سيريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي کي 41 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي.قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي شعيب ملڪ جي بهترين 112 رنسن ذريعي 50 اوورن ۾ 375 رنسون ٺاهيون ۽ ان جا ٽي رانديگر آئوٽ ٿيا. حارث سهيل 89،محمد حفيظ 86 ۽ڪپتان اظهر علي 79 اسڪور ڪيو جواب ۾زمبابوي سٺي راند کيڏي ۽ ڪپتان چگمبرا117 رنسن ذريعي ٽيم کي اڳتي وٺي ويو جڏهن ته مساڪازا به 73 رنسون ٺاهيون پر مهمان ٽيم گهربل اسڪور پورو ڪري نه سگهي ۽ 50اوورن ۾ 5وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهيون اهڙي ريت پاڪستان 41 رنسن تان ڪاميابي ماڻي شعيب ملڪ کي بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *