پاڪستان هاڪي ٽيم جي چيف ڪوچ شهناز شيخ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي ٽيم جي چيف ڪوچ شهناز شيخ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. نئين صدر خالد سجاد کوکر جي مقرريءَ کي پي ايڇ ايف جي ڪانگريس جي گڏجاڻيءَ ۾ منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين سيڪريٽريءَ جي لاءِ شهباز سينيئر مضبوط ترين اميدوار آهي. هاڪي ٽيم جي چيف ڪوچ شهناز شيخ اسلام آباد ۾ پي ايڇ ايف ڪانگريس جي گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي، خابرو اداري سان ڳالهائيندي شهناز شيخ چيو ته کيس هاڪي ته هٿ ۾ ڏني وئي پر بال نه ڏنو ويو ۽ پڻ سڀني خواهش ڏيکاري ته گول ڪيو وڃي. شهناز شيخ جو چوڻ هو ته سندس ڪوچنگ ۾ پاڪستان چئن مان ٽِن ايوينٽن ۾ ٻين پوزيشن ماڻي، رڳو اولمپڪ ڪوليفائنگ ۾ شڪست ملي. پي ايڇ ايف جي ڪانگريس گڏجاڻيءَ ۾ فيڊريشن جي نئين صدر خالد سجاد کوکر جي مقرريءَ جي به يڪراءِ منظوري ڏني وئي. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ هو ته فيڊريشن جي سيڪريٽري رانا مجاهد جي جاءِ تي ذميواري اولمپيئن شهباز سينيئر کي ملڻ جا امڪان پڻ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *