پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ سڀاڻي کان شروع ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ساف وومين فٽبال چيمپيئن شپ (سڀاڻي) اڱاري کان جناح اسٽيديم اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي جنهن جو افتتاح بين الصوبائي رابطن جو وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ڪندو جڏهن ته افتتاح تقريب جو خاص مهمان ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن جو صدر سليمان بن ابراهيم الخليفه هوندو. پاڪستان فٽبال فيڊريشن جو سيڪريٽري ڪرنل (ر) احمد يار خان لوڌي بڌايو ته 20 نومبر تائين جاري رهندڙ چيمپيئن شپ ۾ 8 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون. هن چيو ته اها چيمپيئن شپ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *