دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ گڏيل عرب امارتن جي انتظاميا جي ڪن لاٽار سبب خطري ۾ پئجي وئي آهي، جڏهن ته امارتي انتظاميا جي سستي جي ڪري پي سي بي کي ڳڻتي ورائي وئي آهي. عالمي ميڊيا تي خبرون آيون آهن ته گڏيل عرب امارتن جي انتظاميا پاڪستان سپر ليگ بدران ماسٽرز ايونٽ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، جنهن ڪري پي سي بي انتظاميا مايوس ٿي وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊگھي انتظار کانپوءِ پنهنجي ٽي ٽوئنٽي سيريز (پاڪستان سپر ليگ) گڏيل عرب امارتن ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، پر ويٽرنز جي ماسٽر ليگ وچ ۾ اچي وئي. پاڪستان جي هڪ ڪاروباري شخصيت ظفر شاهه، اڳوڻو ڪپتان وسيم اڪرم، برائن لارا ۽ جيل ڪيلس سميت ماضي جي ڪيترن ئي سپر اسٽاز تي ٻڌل ايونٽ فيبروري ۾ ڪرائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي ڪرڪيٽ بورڊ سان معاهدو ٿي چڪو آهي. پي سي جو خيال هو ته نيوٽرل گرائونڊ طور پاڪستاني ٽيم جو ٻيو گھر يو اي اي آهي جيڪو پراڻن لاڳاپن جو خيال ڪندو ۽ ويٽرنز ليگ جو شيڊول تبديل ڪرائي پنهنجي ايونٽ لاءِ رستو صاف ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ملي ويندي، پر گذريل مهيني پي سي بي جا آفيشلز ڳالهين لاءِ پهتا ته اي سي بي جو چيف ايگزيڪٽو ڊيوڊ ايسٽ نه ملي سگھيو. ڊيوڊ ايسٽ جو چوڻ آهي ته اسان کي به پي سي بي جي ليگ جي خبر ميڊيا ذريعي پئي، پر اسين ماسٽرز ليگ سان معاهدو ڪري چڪا آهيون، ان صورتحال ۾ پي سي بي هاڻي قطر ۾ پاڪستان ليگ ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ٻه عملدار ڳالهين لاءِ گذريل هفتي دوحا جو دورو پڻ ڪري چڪا آهن