پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ 16 سالن بعد 400 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ 16 سالن بعد 400 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. گرين شرٽس ان کان اڳ 1998ع ۾ پشاور ۾ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ 580 رنسون 9 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي. گرين شرٽس جو آسٽريليا خلاف اڄوڪو اسڪور ٽيسٽ جي هڪ اننگ ۾ ٻيو وڏو اسڪور آهي. دبئي ۾ آسٽريليا خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ بيٽسمينن شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڏيکاريو. پاڪستاني رانديگرن مان 2 ڄڻن سينچريون اسڪور ڪيون جڏهن ته 3 رانديگرن جون ففٽيون ان اسڪور ۾ شامل آهن. پاڪستان جي ٽيم جي شاندار بيٽنگ عيوض پاڪستاني ٽيم پهرين اننگ ۾ 454 رنسون ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *