پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي آخري ۽ ورلڊ ڪپ 2015ع لاءِ فٽنس ٽيسٽ لاهور ۾ شروع

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي آخري ۽ ورلڊ ڪپ 2015ع لاءِ فٽنس ٽيسٽ لاهور ۾ شروع ٿي وئي آهي، همسٽرنگ انجريءَ جو شڪار مصباح الحق سميت ڪيترائي رانديگر پوءِ ٽيسٽ ڏيندا، ٻن ڏينهن واري فٽنس ٽيسٽ نيشنل اڪيڊمي لاهور ۾ ٿي رهي آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽر فٽنس ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ نيشنل اڪيڊميءَ ۾ موجود هئا، هسمٽرنگ انجريءَ جو شڪار ڪپتان مصباح الحق جي فٽنس ٽيسٽ سندس مڪمل صحتيابيءَ کان پوءِ ٿيندي، جڏهن ته احمد شهزاد، يونس خان، سرفراز احمد، ذوالفقار بابر به ڪجھه ڏينهن کان پوءِ فٽنس ٽيسٽ ڏيندا، محمد حفيظ بالنگ ايڪشن جي درستگيءَ ۾ مصروف هجڻ جي ڪري في الحال ورلڊ ڪپ 2015 لاءِ آخري فٽنس ٽيسٽ نه ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *