پاڪستاني ٽيم کي هڪ ٻيو نقصان: محمد حفيظ زخمي ٿيڻ سبب ٽيم کان ٻاهر

سڊني(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ جي لاءِ آسٽريليا ۾ موجود پاڪستاني ٽيم کي هڪ وڌيڪ نقصان محمد حفيظ زخمي ٿيڻ سبب ميگا ايونٽ شروع ٿيڻ کان پهرين  ٽيم کان  ٻاهر ٿي ويو. هڪ کان پوءِ هڪ نقصان، هڪ کان پوءِ هڪ رانديگر آئوٽ، جنيد کان پوءِ حفيظ آئوٽ. ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل بئٽنگ آل رائونڊر محمد حفيظ انجري جي ڪري ورلڊ ڪپ مقالبن مان ٻاهر ٿي ويو آهي. کيس ڊاڪٽرن 3 هفتا آرام ڪرڻ جو مشورو  ڏنو آهي ۽ ان دوران پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جا چار مئچون  کيڏي چڪي هوندي ۽ پهرين رائونڊ جي قسمت جو فيصلو به ٿي چڪو هوندو. ذريعن مطابق ٽيم مئنيجمينٽ ڪرڪيٽ بورڊ کي حفيظ جي زخمي ٿيڻ بابت ڄاڻ ڏيئي چڪي آهي. حفيظ جي زخمي ٿيڻ آسٽريليا پهتل پاڪستاني ٽيم کي هي ٻيو نقصان پهتو آهي. ان کان پهرين بالر جندي خان زخمي هئڻ جي ڪري ٽيم کان ٻاهر آهي ۽ ان جي جاءِ تي راحت علي کي موڪليو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *