پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ کان هڪ مهينو اڳ نيوزيلينڊ ويندي ۽ ٽورنامينٽ لاءِ پريڪٽس ڪندي: شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) ايندڙ سال آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ پاڪستاني رانديگرن جي راند جو امتحان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندو ايونٽ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم لاءِ تفصيلي پروگرام تيار ڪري ڇڏيو آهي پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ کان هڪ مهينو اڳ نيوزيلينڊ ويندي ۽ ٽورنامينٽ لاءِ پريڪٽيس ڪندي هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شيريارخان ٻڌايو ته پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ ۾ ٻه ون ڊي انٽرنيشنل مئچن جي سيريز کيڏڻ کان اڳ نيوزيلينڊ ۾ ڪجهه پريڪٽس مئچون کيڏندي ۽ ون ڊي سيريز کان پوءِ پاڪستاني ٽيم جو تربيتي ڪئمپ آسٽريليا ۾ قائم ڪيو ويندو پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي ريهرسل جي طور تي ٿيندڙ ون ڊي سيريز جي پهرين مئچ 31 جنوري تي ولنگٽن ۾ کيڏي ويندي ۽ ٻي ون ڊي انٽرنيشنل 3 فيبروري تي نيپئر ۾ کيڏي ويندي پاڪستاني ٽيم ايڊيليڊ اول ۾ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي مئچ 15 فيبروري تي ڀارت جي خلاف کيڏندي شهريار خان چيو ته ورلڊ ڪلب لاءِ بورڊ ٽيم انتظاميه جي مشاورت سان تربيتي پروگرام رٿيو آهي ته جيئن رانديگر آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي وڪيٽن ۽ موسم سان هم آهنگ ٿي سگهن. سليڪٽرز به رانديگرن جو پول تيار ڪري ڇڏيو آهي نيوزيلينڊ جي ون ڊي سيريز کان اڳ ئي 30 امڪاني رانديگرن جي فهرست انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي اماڻي ويندي آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته 30 امڪاني رانديگرن جي لسٽ موڪلڻ جي آخري تاريخ 7 ڊسمبر آهي جڏهن ته حتمي 15 رانديگرن جون اعلان 7 جنوري کان اڳ ڪرڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *