پاڪستاني ليگ اسپنر فواد احمد آسٽرليوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ ليگ اسپنر فواد خان ٽيسٽ ٽيم جي دروازي تي دستڪ ڏئي ڇڏي آهي هلندڙ سال مئي ۾ ويسٽ انڊيز ۽ پوءِ انگلينڊ جي دوري ۾ شيڊول ايشز سيريز لاءِ ان کي آسٽيلوي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي ان کي ورلڊ ڪپ جي هيرو گلين ميڪسويل جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، فواد احمد کي 2013ع جي ايشز سيريز جي موقعي تي آسٽريلوي شهريت ملي هئي پر نوجوان ايشٽون ايگر کي ان تي ترجيح ڏني وئي، فواد احمد هاڻوڪي شيفلڊ سيزن ۾ 24.85 جي ايوريج سان 48 وڪيٽون وٺي آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جي دروازي تي دستڪ ڏني هو چيمپيئن سائيڊ وڪٽوريا ۾ شامل رهيو ماضي ۾ پاڪستان ڄائو عثمان خواجه به آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جو حصو بڻيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *