پاڪستاني رانديگر احمد شهزاد بيسٽ اننگز کيڏي 176 رنسون ٺاهيون

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڀرندڙ نوجوان اوپنر احمد شهزاد نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ ڪيريئر جي بيسٽ اننگز کيڏي ۽ 176 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ هٽ وڪيٽ آئوٽ ٿي ويو. احمد شهزاد ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن پڻ ڪيوي بالرن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ 176 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. احمد شهزاد ڪوري اينڊرسن جي شارٽ بال مٿي تي لڳڻ سبب توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ سندس بيٽ هٿ مان نڪري وڪيٽن سان ٽڪرائجي وئي. سندس اننگز ۾ هڪ ڇڪو ۽ 17 چوڪا شامل هئا. واضح رهي ته اها سندس ٽين ٽيسٽ سينچري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *