پاڪستاني اسپنر محمد حفيظ کي بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ جي لاءِ ڀارتي ويزا ملي وئي

لاهور  (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اسپنر محمد حفيظ کي بالنگ ايڪشن جي ٽيسٽ جي لاءِ ڀارتي ويزا ملي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سندس ٽيسٽ ۾ چار جولاءِ کان اڳتي واڌ جي لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کي درخواست به ڪري ڇڏي آهي. محمد حفيظ جو بالينگ ايڪشن سريلنڪا خلاف گال ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ ٻيون ڀيرو شڪي رپورٽ ٿيو هو ۽ جيڪڏهن هِن ڀيري هو پنهنجو ايڪشن صحيح ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ هُن جو ايڪشن 15 ڊگريءَ کان وڌيڪ نظر آيو ته سندس بالنگ تي هڪ سال جي پابندي لڳي ويندي. حفيظ جي بالنگ ٽيسٽ جي لاءِ 30 جون جي تاريخ ڏني وئي هئي، جيڪا چنئي ليبارٽري ۾ ٿيڻي هئي، پر ڀارتي ويزا نه ملڻ جي ڪري حفيظ ٽيسٽ جي لاءِ نه وڃي سگھيو. حفيظ پاڪستاني جٿي سان پاليڪيلي پهچي چڪو آهي، جتي 3 جولاءِ کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ٽين ٽيسٽ ۾پنهنجو پاڻي ڪڇيندا. پاڪستاني ٽيم جي مينيجر نويد اڪرم چيمه چيو ته غير معمولي حالتن جي ڪري اسان آءِ سي سيءَ کي نئين تاريخ جي درخواست ڪئي آهي. اسان حفيظ جي ٽيسٽ 14 ڏينهن اندر ڪرائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر انڊين سفارتخاني طرفان ويزا جاري نه ڪيو ويو. اسان ٽين ٽيست ۽ ون ڊي ميچن جي سيريز دوران نئين تاريخ جي درخواست ڪئي آهي. حفيظ جو ايڪشن 21 جون تي رپورٽ ٿيو هو ۽ آءِ سي سيءَ جي قانون موجب ايڪشن رپورٽ ٿيڻ جي 14 ڏينهن اندر ايڪشن جو ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *