پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جو ڀارت ۾ بائيو مڪينڪ ٽيسٽ مڪمل

چناءِ (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جو ڀارت ۾ بائيو مڪينڪ ٽيسٽ مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ هو اڄ ڪولمبو پهچي ٽيم جوائن ڪندو. خابرو اداري موجب سريلنڪا خلاف شڪي بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيڻ تي آل رائونڊر محمد حفيظ ڀارت جي مقامي بائيو مڪينڪ ليب مان پنهنجي بالنگ جي ٽيسٽ ڪرائي ۽ ٽيسٽ دوران کانئس 6 اوور ڪرايا ويا، جنهن ۾ سندس ٻانهن جي جھُڪاءَ جو جائزو ورتو ويو. آل رائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ٽيسٽ رپورٽ اچڻ تائين بالنگ ڪرائي سگھي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪولمبو پهچي اڄ ٽيم جو حصو به بڻجي ويندو. واضح رهي ته آءِ سي سيءَ طرفان بالنگ ايڪشن ڪليئر قرار ڏيڻ جي 3 مهينن کان پوءِ محمد حفيظ هڪ ڀيرو ٻيهر شڪي بالنگ ايڪشن جي وَر چڙهيو هو ۽ آءِ سي سيءَ جي قانونن اندر سندس ٽيسٽ ٺيڪ نه آئي ته کيس سال جي پابنديءَ سان منهن ڏيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *