ٽي-20 ۽ ون ڊي سيريز ۾ شڪست ماضي جو حصو بڻجي چڪي آهي: وقار يونس

دبئي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس اميد ظاهر ڪئي آهي ته آسٽريليا هٿان ٽي-20 ۽ ون ڊي سيريز ۾ شڪستن کان پوءِ اسان جي ٽيم ٽيسٽ سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻن ٽيست ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ٽيسٽ اڄ کان دبئي م شروع ٿيندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪوچ چيو ته ٽيسٽ ميچ ون ڊي ۽ ٽي 20 کان مختلف هوندي آهي، يونس خان، اظهر علي تجربيڪار بيٽسمين آهن ٻنهي جي واپسي سان ٽيم جي بيٽنگ لائن مضبوط ٿي وئي آهي. اميد آهي ته ٽيم ٽيسٽ سيريز ۾ بهتر پرفارم ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *