ٽينس اسٽار ماريه شيراپوا کي برسبن انٽرنيشنل ايونٽ جي پهرين ميچ دوران تماشائيءَ شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي

برسبن (اسپورٽس نيوز) روسي ٽينس اسٽار ماريه شيراپوا کي برسبن انٽرنيشنل ايونٽ جي پهرين ميچ دوران تماشائيءَ شاديءَ جي آڇ ڪري ڇڏي، خابرو اداري موجب ڊيمن ٽوري نالي شخص ميچ کان اڳ جڏهن ماريه شيرا پوا تماشائين سان ملي رهي هئي ته تماشائيءَ هڪ ڪارڊ ”Marry me Maria Sherapova“ لکي ٽينس اسٽار جي هٿ تي رکيو، ٽينس اسٽار ڊيمن ٽوري جي خواهش تي ساڻس سيلفي به ٺهرائي، جنهن کي آسٽريلين همراهه پنهنجي سماجي رابطن واري ويب سائيت تي به شيئر ڪيو، ڊيمن جو چوڻ هو ته ماريا شيرا پوا سان تمام گھڻي محبت ڪريان ٿو ۽ سندس دل سان احترام ڪندو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *