ٻين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ شاندار ڪاڪردگيءَ جومظاهرو ڪري پنهنجي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندس: تميم اقبال

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور اوپنر تميم اقبال چيو آهي ته هو پاڪستان خلاف ٻين ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ پڻ پنهنجي شاندار بيٽنگ جي تسلسل کي برقرار رکندي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پهرين ٽيسٽ نه کٽڻ تي مايوسي ٿي آهي پر هو پُراميد آهي ته ٻي ٽيسٽ ۾ شاندار راند پيش ڪندي گرين شرٽس کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جي ٽيم مهمان ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ راند جي هر شعبي ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو پر ڪاميابي نه ملي سگهي، ان جو ڏُک آهي. تميم اقبال چيو ته پاڪستان خلاف ٻين ٽيسٽ کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *