ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪالهه ياسر شاهه جي زندگيءَ جو واقعي به وڏو اهم ڏينهن هو، جڏهن سريلنڪا خلاف هلندڙ ٽيشٽ سيريز ۾ هيل تائين ٻِن ٽيسٽ ميچن ۾ 15 وڪيٽون وٺڻ تي آءِ سي سيءَ رينڪنگ ۾ کيس ٽاپ ٽين بالرن ۾ شامل ڪيو ويو. 2014ع ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ 29 سالا ياسر شاهه هيل تائين صرف 9 ٽيسٽ ميچون کيڏيون آهن جن ۾ هن بهترين بالنگ عيوض 54 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو آهي. ياسر شاهه سڀ کان گھٽ ٽيسٽ ميچن ۾ 50 وڪيٽون مڪمل ڪندڙ پاڪستاني بالر آهي. خيبرپختون خواهه صوبي سان تعلق رکندڙ ياسر شاهه هِن وقت آءِ سي سيءَ جي بهترين ٽيسٽ بالرن جي فهرست ۾ 750 پوائنٽن سان نائين نمبر تي آهي. اها ياسر جي ڪيريئر جي بهترين ريٽنگ آهي، ان فهرست ۾ نالو اچڻ واري ڪاميابي کيس گال ۾ سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ کان پوءِ ملي، گال ٽيسٽ ۾ شاهه پنهنجي ڪيريئر جي بهترين بالنگ ڪندي 90 رنسن عيوض سَتن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو ۽ پاڪستان جي فتح ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ياسر شاهه ڪولمبو ۾ ٻين ٽيسٽ ۾ به 8 وڪيٽون ورتيون، پر ٽيم ڪامياب نه ٿي سگھي. ياسر شاهه پهرين ٽيسٽ ميچ آڪٽوبر 2014ع ۾ آسٽريليا خلاف دبئيءَ ۾ کيڏي هئي. ان ٽيسٽ ميچ ۾ سندس بالنگ ڏسي مشهور آسٽريلوي ليگ اسپنر شين وارن پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ سندس صلاحيتن جي تعريف ڪئي هئي. ياسر شروعاتي 10 ٽيسٽ بالرن ۾ شامل واحد پاڪستاني بالر آهي ۽ ياسر شاهه کان پوءِ ان فهرست ۾ پاڪستاني آف اسپنر شعيد اجمل جو نالو آهي، جيڪو هن وقت 12 هين نمبر تي آهي. ياد رهي ته سعيد اجمل شڪي بالنگ ايڪشن جي ڪري 6 مهينن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان پري آهي ۽ ايڪشن جي بهتريءَ کان پوءِ هو پاڪستان جي لاءِ ڪا ٽيسٽ ميچ ناهي کيڏيو.