ويٽوري نيوزيلينڊ طرفان وڌيڪ ٽيسٽ کيڏندڙ پليئر بڻجي ويو

شارجا(اسپورٽس نيوز) ڊينئل ويٽوري نيوزيلينڊ طرفان وڌيڪ ٽيسٽ ميچون کيڏندڙ پليئر بڻجي ويو آهي. ويٽوري پاڪستان خلاف ٽين ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪري اسٽيفن فلمينگ جو وڌيڪ ٽيسٽ کيڏڻ جو رڪارڊ ٽوڙي  ڇڏيو. فلمينگ 1991ع کان 2008ع تائين 111 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري قومي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو. اربع ڏينهن شآرجا اسٽيڊيم ۾ پاڪستنا خلاف شروع ٿيندڙ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ويٽوري ميچ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ ئي ڪيريئر جي 112 ٽيسٽ مڪمل ڪري ڇڏي. ان سان گڏ ئي هو ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ کيڏندڙ پليئر پڻ بڻجي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *