ويلنگٽن ٽيسٽ، نيوزيليند پاران سريلنڪا کي 390 رنسن جو هدف

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز)ڪين وليمسن ۽ بريڊلي ويٽلنگ جي ڇهين وڪيٽ تي ورلڊ رڪارڊ پارٽنرشپ سبب نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪا کي ڪاميابي لاءِ 390 رنسن جو هدف ڏيڻ ۾ ڪامياب رهي چوٿون ڏينهن پورو ٿيڻ تائين سريلنڪا هڪ وڪيٽ جي نقصان  تي 45 رنسون ٺاهي ورتيون ڪالهه ويلنگٽن ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن نيوزيلينڊ جي اڌ ٽيم صرف 159 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي ۽ انهن کي سريلنڪا تي صرف 24 رنسن جي برتري حاصل هئي، ان موقعي  تي ڪين وليمسنوڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بريڊلي ويٽلنگ سان گڏ ڇهين وڪيٽ تي ناقابل شڪست 365 رنسون جوڙي ڪيوي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي ان ڇهين وڪيٽ سڀ کان وڏي پارٽنرشپ جو عالمي رڪارڊ به قائم ڪيو، اڳوڻو رڪارڊ نيوزيلينڊ جي ئي برينڊن مڪلم بريڊلي ويٽلنگ سان گذريل سال ڀارت خلاف بڻايو هو، وليمسن پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچريا اسڪور ڪئي هو 242 رنسون بڻائي ناٽ آئوٽ رهيو ويٽلنگ به آئوٽ ٿيڻ بغير 142 رنسون جي ڪيريئر جي بهترين اننگز کيڏي چانهه جي وقفي کانپوءِ ڪيويز ٽيم پنهنجي ٻئين اننگز پنجن وڪيٽن جي نصان تي 524 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪري ڇڏي، 390 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ سريلنڪا چوٿين ڏينهن جي راند پوري ٿيڻ تائين هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 45 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، ان کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 345 رنسن جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *